78

آرمي چيف پاران ايل او سي جو دورو، چڪوٽي سيڪٽر تي جوانن سان گڏ وقت گذاريو

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايل او سي جو دورو ڪيو، چڪوٽي سيڪٽر جوانن سان گڏ وقت گذاريو. رپورٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ايل او سي صورتحال ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف چڪوٽي سيڪٽر ۾ ڪنٽرول لائين تي مقرر جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پاڪ فوج جي جوانن جي جنگي تياري ۽ بلند حوصلي جي پڻ تعريف ڪئي. ايل او سي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف جو استقبال ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو