اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور خان چيو ته جيستائين ٻيا ڪيس ان جڳهه تي نٿا اچن پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس نه ٿي هلائي سگهي، جنهن تي وڪيل احمد حسن چيو ته درخواست تي اهي چون ٿا اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ ڪيس ۾ مداخلت نه ڪري، ٻين جماعتن تي اهي مداخلت ڪن ٿا. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته ڪميشن کي پنهنجو مينڊيٽ معلوم آهي، اوهان چاهيو ٿا ته سڀني جماعتن سان گڏ پي ٽي آءِ جو ڪيس ٻڌون؟ سڀ ڪيس برابر سان ٻڌنداسين. سڪندر سلطان راجا وڌيڪ چيو ته ڪوبه پريشر وٺڻ لاءِ تيار ناهيان، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو، 101 سياسي جماعتن جي اسڪروٽني ڪئي، 17 جي اڪائونٽ ۾ تضاد هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن پنهنجو موقف پيش ڪندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ٻڌڻي جاري رکندي.
115