اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۾ ملاقات، قانوني صلاح مشورا. ذريعن موجب ثاقب نثار عمران خان جي خواهش تي ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ پهتو، وزيراعليٰ پنجاب جي حلف بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مشورا ڪيا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ تائين گورنر کي حلف وٺڻ جو حڪم جاري آهي. هوڏانهن ملاقات جي حوالي سان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته ملاقات دوران عمران خان قانوني مشورن لاءِ ماڻهو گهريو، پنجاب جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي. عمران خان ملاقات ۾ عدليه بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تنقيد تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، مون عمران خان کي چيو ته عدليه بابت جيڪو تاثر قائم ڪيو پيو وڃي اهو صحيح ناهي. هن چيو ته عمران خان مون کان پڇيو ته ڪنهن اهڙي شخص جي باري ۾ ٻڌايو جيڪو اسان کي قانوني راءِ ڏئي سگهي.
