126

وفاقي شرعي عدالت حڪومت کي وياج جو نظام مڪمل طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 19 سالن کانپوءِ فيصلو جاري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت وياج خلاف داخل درخواستن تي 19 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي وياج کي هٿي ڏيندڙ سمورن قانونن ۽ شقن کي غير شرعي قرار ڏئي حڪومت کي وياجي نظام مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ 5 سالن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت فيصلي ۾ 31 ڊسمبر 2027 تائين سمورن قانونن کي اسلامي ۽ وياج کان پاڪ اصولن ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. شرعي عدالت انٽريسٽ ايڪٽ 1839 ۽ پهرين جون 2022 کان وياج بابت سمورن شقن کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو.  عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته معاشي نظام مان وياج جو ختم ڪرڻ شرعي ۽ قانوني ذميواري آهي. شرعي عدالت جي جسٽس سيد محمد انور فيصلي ۾ چيو ته بينڪن جي قرض جي ناڻي کان وڌيڪ اوڳاڙي وياج جي زمري ۾ اچي ٿي. قرض ڪنهن به مد ۾ ورتو وڃي ان تي لاڳو انٽرسٽ وياج ئي آهي. بينڪن جو هر قسم جو انٽرسٽ وياج ئي  آهي. وياج مڪمل طور ۽ هر صورت ۾ غلط آهي. عدالت چيو ته 2 ڏهاڪا گذرڻ باوجود به وياج کان پاڪ معاشي نظام لاءِ حڪومت جو وقت گهرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. . آرٽيڪل 38 ايف تي عمل ٿئي ها ته وياج ڏهاڪا اڳ ئي ختم ٿي وڃي ها. اسلامي ۽ وياج کان پاڪ بينڪاري نظام جي لاءِ پنجن سالن جو وقت ڪافي آهي، اميد آهي ته حڪومت وياج جي خاتمي جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن عالمن ۽ اٽارني جنرل کي ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌايو ويو آهي. وياج کان پاڪ بينڪنگ جي خراب اثرن بابت وفاقي حڪومت جي موقف سان متفق نه آهيون. سمجهون ٿا ته معاشي نظام کي وياج کان پاڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. وفاقي شرعي عدالت فيصلي ۾ چيو ته چين به سي پيڪ جي لاءِ اسلامي بينڪاري نظام جو خواهشمند آهي. وياج کان پاڪ نظام وڌيڪ فائديمند ٿيندو. اسلامي بينڪاري نظام رسڪ کان پاڪ ۽ استحصال جي خلاف آهي. وياج کان پاڪ بينڪاري پوري دنيا ۾ ممڪن آهي. عدالت حڪومت کي قرض وياج کان پاڪ نظام هيٺ وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڊيپازٽ کي ترت ئي وياج کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس وفاقي شرعي عدالت جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ وياج جي خلاف جماعت اسلامي ۽ ٻين جي درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ٻڌايو. ٻي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل پنهنجي هڪ ٽويٽ م چيو آهي ته اسين وياج ڪيس ۾ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان اهم فيصلي جو ويجهڙائي کان جائزو وٺن ۽ ان تي عمل لاءِ  وقت جي نظام مطابق وفاقي شرعي عدالت کان رهنمائي ۽ تشريح حاصل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو