اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، قاسم سوري ۽ عمر سرفراز چيما خلاف غداري جي الزام هيٺ ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صدر عارف علوي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي بي اعتمادي واري رٿ جي معاملي تي آئين ٽوڙڻ جو الزام آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو ۽ قانون واري وزارت اڳوڻي حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آئين ٽوڙڻ جي الزام هيٺ ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. الزام هيٺ آيل اڳوڻي حڪومت جي عهديدارن خلاف ريفرنس جي ذريعي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ ڪارروائي ٿيندي، جنهن لاءِ گهرو ۽ قانون واري وزارتن ماهرن سان مشاورت به شروع ڪري ڇڏي آهي. حڪومتي ذريعن چيو آهي ته صدر عارف علوي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي مخالف ڌر جي عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي معاملي تي آئين ٽوڙيو. صدر عارف علوي پارٽي چيئرمئن جي حڪم تي آئين کي قربان ڪري ڇڏيو، آئين تي عمل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪري عدالتي توهين پڻ ڪئي. اهڙي ريت پنجاب اسيمبليءَ ۾ پڻ نئين وڏي وزير جي چونڊ واري عمل دوران پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما آئين ٽوڙيو ۽ آئيني عمل کي متاثر ڪيو ويو، لاڳاپيل سمورو ريڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي. قانون موجب آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت مجاز آهي ۽ قانون موجب اهائي ريفرنس تيار ڪري داخل ڪندي آهي، ان ريفرنس سان نئين تاريخ لکي ويندي.
134
электро эпиляция
[url=http://www.sandradehaan.nl/?URL=vk.com/epilyciy_shulepova]https://cse.google.vu/url?q=http://vk.com/epilyciy_shulepova[/url]
https://www.vykupspb.ru/ – Быстрый выкуп зологовых автомобилей марки Jaguar модели CX-7, 1984 года выпуска, тип кузова лимузин с объемом двигателя 5752 коробка передач вариатор в Питере.