117

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر حمزه شهباز کي وڏو وزير مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور ( م ڊ ) پنجاب ۾ آئيني بحران وڌي ويو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي حمزه شهباز کي وڏو وزير مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته عثمان بزدار اڄ به پنجاب جو وڏو وزير آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته عدليه ايوان جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿي ڪري سگهي. ساڳي ڳالهه سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي. سمورن ادارن کي پنهنجو ۽ عدليه کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. قانونسازي به عدالتن کي ڪرڻي آهي ته پوءِ هتي ئي هليا اچن. پرويز الاهي چيو ته هن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ چونڊون ڪرائڻ جو آرڊر عدالت جو هو، جنهن کي اسان سڀني مڃيو آهي. پوليس سمورو معاملو خراب ڪيو. شهباز شريف ۽ حمزه جي چوڻ تي حملو ٿيو. ڊپٽي اسپيڪر ڀڄي وزيٽر گيلري ۾ هليو ويو، وزيٽر گيلري مان چونڊ ڪرائي وئي. اها اليڪشن نه ٿي. ڪير ٿو چوي ته اليڪشن ٿي آهي. ڪير ٿو چوي ته صوبي ۾ آئيني بحران آهي. عثمان بزدار اڄ به پنجاب جو وڏو وزير آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جيستائين نئون وڏو وزير حلف نٿو کڻي پراڻو وڏو وزير برقرار رهندو. هن وڌيڪ چيو ته  اڄ به ڏيڍ سئو ماڻهو اڇن ڪپڙن ۾ اسيمبلين ۾ ڇو ويٺل آهن. اسان انهن جون تصويرون ٺاهي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ خبر پوندي ته ڪهڙي ڪهڙي ٿاڻي جا ماڻهو ويٺل آهن. شريفن کي ڪير به نه ٿو پڇي، اهي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائيندا آهن. شريفن جو اصل چهرو سامهون اچي ويو آهي. پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته اسيمبلي ميمبر آسيه امجد اڄ به وينٽي ليٽر تي آهي. ان جو ذميوار شهباز شريف، حمزه، آءِ جي ۽ ڊپٽي اسپيڪر آهي. شهباز شريف آءِ جي کي چيو جنهن تي اسيمبلي ۾ پوليس آئي. پنجاب اسيمبلي جا 5 هزار ملازم آهن جيڪي گرفتارين خلاف احتجاج ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو