123

ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، اهم دستاويز هٿ، فليٽ به جهڙتي بعد سيل

ڪراچي (اسٽاف رپروٽر) ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ ڪندڙن جي ذريعن جو  چوڻ آهي ته جاچ ڪندڙن مختلف ڪارروائين ۾ اهم دستاويز هٿ ڪيا آهن، جن ۾ خودڪش بمبار عورت جي خاندان جون تصويرون به شامل آهن، جاچ ذريعن موجب ڪارروائي دوران عورت جي مڙس جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ به مليو آهي، جڏهن ته گذريل رات ڪارروائي دوران پرڏيهي سمز به هٿ ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي جي علائقي اسڪيم 33 ۾ مبينا بمبار جي والد جي گهر تي ڇاپو هڻي ليپ ٽاپ ۽ اهم دستاويز تحويل ۾ وٺڻ بعد گهر سيل ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بمبار جي والد جي گهر ۾ سرڪاري نمبر پليٽ جي گاڏي تي اچ وڃ ٿيندي هئي، گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ عورت جو فليٽ به جهڙتي بعد سيل ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بمبار عورت ٽن سالن کان مسواڙي فليٽ ۾ رهندي هئي، بمبار جا 6 ڀيڻ ڀائر آهن، سندس هڪ ڀيڻ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي،  واضح رهي ته 16 اپريل تي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي وين ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو