فريدآباد (ن ڌرتي) فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ باھ جي واقعي بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ تڏي تي پھچي متاثرين کي گھر ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، جنهن تي عمل ڪندي 50 گھرن جو تعميراتي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ تيزي سان پڪن ڪمرن جو ڪم جاري آهي. جڏهن ته ڌامراھ واھ، ماڏو شاخ ۽ ٻين شاخن جي کاٽي ڪرائڻ لاءِ مشينون پھچي ويون آهن. اسان وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ ۽ پ پ تڪ جي نمائندن بروقت پھچي اسان جي مالڪي ڪئي. پ پ اڳواڻ تڏي تي پھچي گھر ٺاھڻ جي مڪمل طور خاطري ڪرائي آهي. جڏهن ته پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر پاران باھ متاثرين ڏانھن موڪليل ٽيم ۾ پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جو ڀائٽيو زبير احمد جوڻيجو، پ پ تعلقي ڪي اين شاھ جي صدر اعجاز چانڊيو، پ پ فريدآباد جو صدر ذوالفقار علي ڪلھوڙو، فقير سردار چانڊيو ۽ ٻيا تڏي تي پھچي ايم پي اي فريال ٽالپر جو پيغام پھچايو. متاثرين کي وڌيڪ 50 گھر ٺھرائي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. جڏهن فريال ٽالپر پاران 200 راشن جا ڪٽا، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان پڻ تقسيم ڪيو ويو. جڏهن پ پ اڳواڻ زبير احمد جوڻيجو، ذوالفقار ڪلھوڙو چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جيڪو متاثرين لاءِ اعلان ڪيو ھو ان تي عمل شروع ٿي ويو آهي، فوتي ٻارڙن جي خاندان لاءِ پڪا گھر ٺھرائي ڏيڻ وارو ڪم تيزي جاري آهي. جڏهن ته ڌامراھ واھ، ماڏو شاخ سميت شاخن جي کاٽي ڪرائڻ لاءِ مشنيون پھچي ويون آهن، ھوڏانھن ڳوٺ فيض محمد درياڻي جي چگي مڙس پ پ اڳواڻ اميد علي چانڊيو، امام الدين چانڊيو، ذوالفقار درياڻي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اسان جي تڏي پھچي جيڪو اعلان ڪيو ھو ان تي عمل شروع آهي، گھرن جو تعميراتي ڪم جاري آهي، اسان کي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي تڪليف آهي، 3 ڪلو ميٽر پاڻي پري پري کان ڀرڻ تي مجبور آھيون، اسان کي ڊسپينسري بلڊنگ ڏني وڃي. ھنن چيو ته اسان جا مڪمل طور تي گھر سڙي ويا آهن، اسان جو چوپايو مال سڙي ويو آهي اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي.
99