112

راجا پرويز اشرف اڳوڻي اسپيڪر جي غيرقانوني ڀرتين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي غيرقانوني ڀرتين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ذريعن موجب راجا پرويز اشرف اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ڀرتين جي رپورٽ گهري ورتي آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ته ڪهڙي شعبي ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪير آيو؟ ذريعن موجب راجا پرويز اشرف اهي به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ته غيرقانوني طور تي ڪنهن جي ترقي ٿي؟ ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف جاچ کان پوءِ غيرقانوني طور تي ڀرتي ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف معاملي تي گڏيل جاچ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي هڪ 72 سالن جي شخص کي 19 لک رپيا ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو