112

جهانگير ترين گروپ جي سرگرم اڳواڻ عليم خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي الزامن کي رد ڪندي کيس مناظري جو چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عليم خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي الزامن کي رد ڪندي کيس مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو، عمران خان گذريل ڏينهن انٽرويو ۾ چيو هو ته عليم خان ۽ جهانگير ترين جو مقصد اقتدار ۾ اچي فائدو حاصل ڪرڻ هو، عليم خان پنهنجي 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ پئي گهري، عليم خان الزام رد ڪندي چيو آهي ته مون وٽ 3 سئو نه پر 3 هزار ايڪڙ زمين آهي، مون اها زمين اڪوائر نه ڪئي هئي پر مختلف زميندارن کان خريد ڪئي هئي، عمران خان غلط الزام هڻندو ته پوءِ مان به خاموش نه رهندس، عمران خان سچو آهي ته جهانگير ترين ۽ مون سان گڏجي ڪنهن ٽي وي چينل تي ويهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو