133

گورک ھل اٿارٽي مبينا ڪرپشن ڪيس: رفيق جمالي ۽ ٻين جي ضمانت ۾ واڌ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  گورک ھل اٿارٽي ۾ مبينا ڪرپشن جي ڪيس ۾ احتساب عدالت پ پ  ايم اين اي رفيق جمالي ۽ نيب جاچ ۾ شامل ٻين عملدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 2 جولاءِ تائين  واڌ ڪري ڇڏي ۽ عدالت ڪيس به ڪورٽ نمبر 2 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ گورک ھل اٿارٽي جو چيئرمين رفيق جمالي ۽ جاچ ۾ شامل ٻيا عملدار پنھنجي وڪيلن سميت احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب جو جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاھي ڏني ته نيب جو جاچ آفيسر ڪراچي ۾ مصروفيت سبب پيش ناهي ٿي سگهيو، ايم اين اي جو وڪيل چيو ته اسان ته اڳ ۾ ئي عدالت کي ٻڌائي چڪا آهيون ته نيب وٽ ڪو به ثبوت ناهي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پ پ ايم اين اي گورک ھل اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي،  انجنيئر فيصل، رامچند ۽ عمر فاروق جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 2 جولاءِ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو