111

پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو جڏهن سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ترقي ڪندا، رڳو پنجاب جي ترقي ملڪ جي ترقي ناهي، پنهنجا ڪپڙا کپائي به عوام کي سستو اٽو ڏيندس: شهباز شريف

بشام ( م ڊ )  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسين ڪيستائين ڪستو کڻي پيا پننداسين، جيڪڏهن عوام کي سستو اٽو نه مليو ته آئون  پنهنجا ڪپڙا وڪڻي به عوام کي سستو اٽو ڏيندس. شانگلا جي علائقي بشام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪستو کڻي پنڻ سان عزت نه ملندي آهي، 75 سال گذري ويا، روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، جڏهن محنت ڪنداسين تڏهن ئي اسين پنڻ ڇڏينداسين.  هن ملڪ ۾ اٽي جي وڌندڙ اگهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اٽي جو جيڪو اگهه پنجاب ۾ آهي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ اهو ئي اگهه  خيبر پختونخوا ۾ به ٿيندو.  هن چيو ته خيبر پختونخوا جي هر دڪان تي اٽو سستو ڪرڻ جو طريقو اچي ٿو، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي درخواست ٿو ڪريان ته پنهنجي صوبي ۾ عوام کي ايتري ئي اگهه تي اٽو ڏياريو وڃي جيتري اگهه تي پنجاب ۾ ملي رهيو آهي. جيڪڏهن اتان جو وڏو وزير اٽو سستو نه ڪندو ته آئون پنهنجا ڪپڙا وڪڻي به اٽو سستو ڪندس. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ ايترو  وقت تحريڪ انصاف جي حڪومت رهي، ڪيتريون اسپتالون ٺهيون؟ غداري ۽ حب الوطني جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن، عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ چئن سالن جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ئي نه ڪندو آهي. 4 سالن ۾ رڳو ڪرپشن ڪئي وئي ۽ نالائقي جي ڪري لوڊ شيڊنگ ئي رهي، تيل ۽ گئس وقت سر نه گهرائڻ سبب پوري معيشت ئي ويهي رهي. اڳوڻي وزيراعظم چئن سالن تائين رڳو ڪوڙ ئي ڳالهايو ۽قوم کي دوکو ڏنو پر منهنجو نالو شهباز شريف آهي آئون خطاڪار آهيان پر عوام سان غلط بياني نه ڪندس. اسين ملڪ کي قائد اعظم وارو پاڪستان ڪنداسين. هن وقت ملڪ جو خزانو خالي آهي ۽ قرضن ۾ ٻڏا پياآهيون، سعودي عرب جي شهزادي ۽ گڏيل عرب رياستن جي حڪومت پڻ پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي. هن وڌيڪ چيو ته رڳو پنجاب جي ترقي ئي ملڪ جي ترقي نه آهي، پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو جڏهن پنجاب سان گڏ سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان به ترقي ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو