سيوهڻ /دادو/ سکر/ ڪراچي ( نمائندا ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ملڪ جي دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آهي. جيڪا 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. اھڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ دوست خان رند ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڻي جي ورهاست تي اعتراض آهن، پاڻي جي انصاف ڀري ورھاست نه ٿي رهي آهي جيڪڏهن قدرتي طور پاڻي جي کوٽ آهي ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي ورهاست برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، ھن چيو ته هو سکر ۾ پاڻي جي معاملي واري وفاقي وزير خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال بابت کيس آگاهي ڏيندس ۽ پاڻي جي ورھاست صحيح ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪندس. جيترو به پاڻي سنڌ کي ملي ٿو ڪوشش هوندي ته ان جي ورهاست بهتر ڪري آبادگارن کي وڌ کان وڌ پاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ھن پاڻي جي کوٽ وارن علائقن جي آبادگارن کي صلاح ڏني ته اهي پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ساريون نه پوکين، سيد مراد علي شاهه چيو ته الله جو شڪر آهي سنڌ صحت جي شعبي ۾ ھڪ مثالي صوبو آهي ۽ اسان وٽ ايس آئي يو ٽي، اين آئي سي وي ڊي، گمبٽ اسپتال سيوهڻ جي اسپتال سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ علاج جي بهتر سھولتن وارا صحت مرڪز موجود آهن جتي سنڌ جي ماڻهن جو معياري ۽ مفت علاج ڪيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ ننڍن صحت مرڪزن تي ڊاڪٽرن جي کوٽ جا مسئلا آهن جنهن جي حل لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ تمام جلد اھو مسئلو حل ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن جي ڀرتي شروع ڪئي ويندي، دادو واري اسپتال جو پڻ اھو ئي مسئلو آهي جيڪو پڻ جلد حل ڪيو ويندو، نوابشاهه يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ واري واقعي بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته ان ڏس ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرت جو نشانو ڪيو ويندو ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. هوڏانهن سکر بئراج تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاھ چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي گهٽ ٿو ملي ان لاءِ وفاق سان ڳالهائڻو پوندو، هينئر ته گذريل سال کان به 42 سيڪڙو پاڻي گهٽ مليو آهي جنهن جي ڪري ڪپھه جي پوک کي نقصان رسيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2018 ۾ سمري ٺاهي وفاق ڏانهن موڪلي هئي جنهن تي هن مهل تائين ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي، 1991ع واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي. سي سي ائي جو جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وزير اعظم کي درخواست ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو اسان جي حڪومت ۾ پيرا ٽو تي عمل ڪرائي چشما ۽ جهلم لنڪ بند ڪرايو هو، اسان جي حڪومت ۾ 2011ع کان 2013ع تائين پاڻي جي کوٽ نه هئي. مراد علي شاهه چيو ته نارا ڪئنال تان پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز کي درخواست ڪئي آهي پاڻي ڪنهن کي به چوري نه ڪرڻ ڏبو، چاهي اهو وڏو ماڻهو ڇونه هجي، سڀن کي برابر جو حصو ملندو. ٻي پاسي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪڏهن به پاڻي جي ورڇ منصفاڻي نه ٿي. جڏهن اسين پاڻي جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته اسان کي صوبائيت جو طعنو ڏنو ويندو هو پر اڄ پاڻ پي ٽي آءِ پاڻي تي پنجاب جو نالو استعمال ڪري صوبائيت جي سياست ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ کي 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پيو پوي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ارسا کي يرغمال ڪيو ويو. هن چيو ته اتحادي حڪومت سڀني صوبن سان ملي زرعي ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسين زرعي ملڪ آهيون پر ڪڻڪ ،داليون ۽ کنڊ ٻين ملڪن مان گهرايون ٿا جي ڳالهه افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ سان زراعت ترقي ڪندي ۽ اسان وٽ خوشحالي ايندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ مان ڪجهه نه ملندو.
