105

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي موري ڀرسان درگاهه تي حاضري، شاندار آجيان

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري موري ويجهو صوفي بزرگ حافظ علي مراد مست جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، آصف علي زرداري جي آمد جي موقعي تي سوين عورتون ۽ مرد گهرن کان نڪري آيا ۽ سندس شاندار استقبال ڪندي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا، آصف علي زرداري شاندار استقبال تي ڳوٺ جي عورتن وٽ وڃي سندن ٿورو مڃيو، ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اوهين منهنجون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون آهيو، ان موقعي تي ايم پي اي علي حسن زرداري، پ پ جو نوجوان اڳواڻ عاشق حسين زرداري، ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار، ايم پي اي طارق مسعود آرائين، قبول شاهه، قاسم سومرو، سليم رضا جلباڻي، نور نواز زرداري، چوڌري جاويد اقبال آرائين به اڳوڻي صدر سان گڏ هئا، جڏهن ته درگاهه جا منتظم سائين نالي مٺو، حافظ عبدالوحيد، محمد بلاول ۽ سائين اسماعيل پڻ موجود هئا، جڏهن ته اڳوڻي صدر حافظ محمد جان جي مزار تي به حاضري ڀري، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس نوابشاھ ۾ تڪ جي عوام ۽ ڪارڪنن جي ملاقاتن  جو سلسلو ڇنڇر ڏينهن پڻ جاري رهيو، ڇنڇر  ڏينهن پڻ آصف علي زرداري ضلعي جي مختلف علائقن جي ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري سندن کان خيريت معلوم ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا،  ان موقعي تي  پيپلز پارٽي اڳواڻ عاشق حسين زرداري، ڊويزنل صدر ضيا الحسن لنجار، ايم پي اي طارق مسعود آرائين، غلام قادر چانڊيو، ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، سليم رضا جلباڻي، چوڌري جاويد اقبال آرائين،  نور نواز زرداري، خان بهادر ڀٽي، سيد عاطف حسين زيدي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو