86

ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، عمران خان اسڪينڊلز تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي 700 رهيل ميمبرن کي پلاٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سنڌ کي حصي کان پاڻي گهٽ ملي پيو، 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل جي ضرورت آهي، پنجاب پاڻي کوٽ گهٽ ۽ سنڌ کي وڌيڪ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙواظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته هن چيو ته پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪا به پارٽي لبرل ناهي رهي، ميڊيا تي پابندين جي مزاحمت ۽ مخالفت ڪئي، ميڊيا دوست رهيو آهي، شهيد بينظير کان وٺي موجوده قيادت تائين صحافين لاءِ پلاٽ، علاج جون سهولتون ۽ اظهار جي آزادي لاءِ ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته پريس ڪلب جي 700 ميمبرن کي پلاٽ ڏيارڻ لاءِ وڏي وزير سان ملندس، پلاٽ ڏيڻ کي يقيني بڻائينداسين، پر صحافين کي به پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ ۽ ڌڙا ختم ڪري هڪ ٿيڻ گهرجي، شرجيل ميمڻ چيو ته ميثاق جمهوريت تي ڪجهه غلط فهميون پيدا ٿيون، ٻيهر ان تي ڪم ٿي رهيو آهي، ميثاق جمهوريت فرد واحد لاءِ نه مفاهمت لاءِ هو، بدقسمتي سان اڄ ڪلھه سياست کي دشمنين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران خان جو نالو تاريخ ۾ بدترين حڪمرانن ۾ لکيو ويندو، هن معشيت تباهه ڪئي، موجوده معاشي صورتحال ۾ نڪرڻ مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي، هن چيو ته پ پ هميشه عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي آهي، ڪجه پارٽيون بيڪ ڊور ذريعي اقتدار ۾ آيون هيون، اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪارڪردگي تحت ايندڙ چونڊن ۾ عوام وٽ وينداسين. شرجيل ميمڻ  چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ رڳو ٺٽي نه پر پوري سنڌ ۾ آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ منٽن جي حساب سان بجلي اچي ٿي، 18 .18 ڪلاڪ بجلي ناهي، بجلي فراهم ڪندڙ ادارا پنهنجي ڪمزوري جي سزا عوام کي ڏين ٿا، جيڪي بل ادا نه ٿا ڪن انهن جي بجلي ڪٽڻ بدران سمورن جي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، اها سزا عوام کي نه ملڻ گهرجي، ان معاملي تي عدالت ۾ درخواست داخل آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ائين ڪرڻ صحافين تي ڪو احسان نه آهي، هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هڪ تاريخي ڪلب آھي. جنهن هميشه جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪيو آهي . هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن صحافي تي انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ هميشه صحافين جي ڀلائي قدم کنيا آهن ۽ انهن خلاف قانونسازي جي مخالفت ڪئي آهي، هن سمورن صحافي تنظيمن کي گڏيل پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آھي. ھن چيو ته صحافي ھڪ گڏيل پليٽ فارم تي اچن  ۽ پنھنجن اختلافن کي ختم ڪن ته جيئن انهن جي مسئلن کي ڀرپور طريقي سان حل ڪيو وڃي. هن صحافين کي ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ھاڪس بي تي پلا ٽ ڏنا ويا ھئا ، جنھن بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ هاڪس بي تي صحافين کي پلاٽ ڏنا ويا. هن چيو ته نيازي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورا اشارا ملڪ جي خراب معاشي حالت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي خراب  حالت بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته حڪومت اورينج لائين کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪا 30 مئي تائين  شروع ڪئي ويندي، جنهن تي 20 بسون هلنديون. جنهن سان اورنگي ٽائون جي رهواسين کي ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان موقعي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي٫ سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رشيد ميمڻ، خزانچي وحيد راڄپر ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو