اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) ڀارت جي هٺ ڌرمي سبب ان جون پاڪستان سان پاڻي واري معاملي تي ڳالهيون رولڙي ۾ پئجي ويون آهن. ڀارت هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪري پاڪستان جي خط جو جواب نه ڏنو آهي جنهن ڪري مئي ۾ رٿيل ڳالهيون شروع نه ٿي سگهيون آهن ۽ اهي رولڙي ۾ پئجي ويون آهن. جڏهن ته شيڊول موجب پاڻي جي ماهرن جو اجلاس پڻ مئي ۾ ئي ٿيڻو آهي، ان جي ٿيڻ جي به ڪا پڪ نه آهي. مارچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ماهرن جو اجلاس به مئي ۾ ئي نئين دهلي ۾ ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو. ذريعن موجب پاڪستان طرفان انڊس واٽر ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڀارت کي جلد ٻيو خط پڻ لکيو ويندو. پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ چناب نديءَ تي ڀارت جي غير قانوني جي اڏاوت تي اعتراض آهي.
103