114

يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، اٽو به مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد/ڪراچي/حيدرآباد (نمائندن وٽان) اٽو مهانگو، يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، مرغي 600 رپيا ڪلو ٿي وئي، فلورملن اٽي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، جنهن کان پوءِ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1250رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند آهي، مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون ان لاءِ اٽي جون قيمتون وڌائڻيون پونديون آهن، هن چيو ته نئين ڪڻڪ 2300 رپيا مڻ ملي رهي آهي، جڏهن ته گذريل سال قيمت 1800 رپيا هئي ته اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين جو هو، ٻئي طرف نان بائي ايسوسيئيشن موجب اڃان تائين ماني جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو ناهي ٿيو، اهڙا فيصلا ضلعي انتظاميا ڪندي آهي. جڏهن ته مرغي 600 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، حيدآباد ۾ پڻ مرغي 560 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، ٻئي پاسي  سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي. يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف ضروري شين تي ڏنل سبسڊي ختم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب دالين، بيسڻ ۽ خارڪ تي جاري سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ ماش جي دال 268 رپين مان وڌي 278 رپيا في ڪلو ٿي وئي، مڱن جي دال جي قيمت 160 رپين مان وڌي 170 رپيا ٿي وئي آهي. بيسڻ 20 رپيا في ڪلو واڌ کانپوءِ 170 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته مختلف برانڊن جي ڪوئنگ آئل ۽ کير جي في ليٽر قيمت ۾ به 20 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. مختلف براڊن جي شربت جي 1500 ملي ليٽر بوتل 51 رپين تائين مهانگي ٿي وئي، 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت 12 رپيا وڌي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب وفاقي حڪومت طرفان 19 بدران 5 شين جي سبسڊي ڏني ويندي، کنڊ 70 رپيا في ڪلو ۽ 10 ڪلو اٽو 400 رپين ۾ ملندو. گيهه 260 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو، کنڊ 5 ڪلو، اٽو 10 ڪلو ۽ گيهه 5 ڪلو تائين ملندو، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط برقرار رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو