لاهور (م ڊ ) پنجاب ۾ پيپلز پارٽي 3 وزارتون، 2 خاص مددگار ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ گهري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ پ پ جي وفد پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾پاور شيئرنگ معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب جي آئيني عهدن تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ ان گورنر جو عهدو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي پنجاب ۾ 3 وزارتون، 2 کان وڌيڪ خاص مددگار ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ به گهري آهي. گڏوگڏ پ پ پنجاب ۾ ٻه پارلياماني سيڪريٽري جا عهدا به گهريا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏجي هلڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب پ پ جي حسن مرتضيٰ کي سينيئر وزير مقرر ڪرڻ جا امڪان آهي، شازيه عابد ۽ غضنفر عباس کي پارلياماني سيڪريٽري، جڏهن ته رئيس نبيل کي پارلياماني پارٽي چيئرمين مقرر ڪرڻ جا امڪان آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب جي شهزاد سعيد چيما کي خاص مددگار مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
98