ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ ڪابينا آبپاشي جي زمين ۽ ڪئنالن تان حد دخلين خلاف آپريشن سبب متاثر ٿيلن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آبپاشي جي زمين ۽ ڪئنالن تان حد دخلين خلاف آپريشن سبب متاثر ٿيلن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهي ماڻهو غير قانوني طور تي آبپاشي کاتي جي زمينن تي آباد هئا. پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڪنهن کي به بي گھر نٿو ڪري سگھجي. ان ڪري صوبائي ڪابينا متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري جي لاءِ پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان لاءِ ڪابينا روهڙي جي تعلقي سکر ضلعي ۾ 200 ايڪڙ زمين واهه ذريعي بي گهر ٿيل خاندانن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته زمين 99 سالن لاءِ ليز تي ڏني ويندي ۽ هر بي گهر خاندان کي 80 اسڪوائر گز جو پلاٽ ڏنو ويندو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا سامونڊي علائقن ۾ موجود 64 غيرقانوني فشنگ جيٽيز جي رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن غير قانوني جيٽيز مان ناڻي کي نقصان رسي رهيو هو ۽ انهن جيٽيز سان غير قانوني فشنگ ٿي رهي هئي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي فش هاربر جي بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙ جڪ جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن ۾ مهاڻن جي نمائندگي کي ترجيح ڏني وئي آهي. جڏهن مقامي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا هيبيچوئل افينڊر مانيٽرنگ بل 2022 سنڌ اسيمبلي کي اُماڻي ڇڏيو آهي.ان بل هيٺ عادي ڏوهارين جي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ جي صورت ۾ اليڪٽرانڪ مانيٽرنگ يونٽ لڳايو ويندو. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر هڪ عادي ڏوهاري لاءِ سنگل يونٽ ٽريڪنگ ڊيوائس جنهن ۾ هڪ يونٽ ۾ گلوبل پوزيشننگ سسٽم ۽ سيلولر ٽيڪنالاجي سان گڏ سينٽرل پروسيسنگ يونٽ هوندو آهي جيڪو فعال، رئيل ٽائيم۽ 24 ڪلاڪ ڏوهارين جي لڳاتار نگراني ٿيندي. اسيمبلي ۾ سمورين جماعتن جي نمائندگي آهي انهن جون سفارشون به شامل ڪيون وينديون. هي اهم بل آهي. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي رهيا آهن ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته هن بل ۾ انهن ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو جن جي ڏوهن جي هسٽري آهي ۽ ان ڳالھ جو فيصلو عدالتون ڪنديون. صوبائي وزير چيو ته 60 سالن کان وڏي ڄمار جي شهرين کي سينيئر سٽيزن ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،سنڌ ڪابينا ان معاملي تي ٽن ميمبرن تي ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ان سلسلي ۾ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا سماجي تنظيمن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سماجي تنظيمون فلاحي ڪم ڪنديون آهن. ضروري آهي ته انهن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وڃي پر ٽيڪس ۾ ڇوٽ اسڪروٽني کان پوءِ ڏني ويندي.
106