103

وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ جي توثيق ڪري ڇڏي، آئيني ادارن کي حدون نه اورانگهڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر کي عهدي تان هٽائڻ جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملا غور هيٺ آيا. ڪابينا اجلاس ۾ صدر طرفان وزيراعظم جي سمري قبول نه ڪرڻ جي عمل کي رد ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ فواد اسد الله کي ڊي جي انٽيليجنس بيورو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين جي استعفا جي به توثيق ڪئي وئي.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير محمد اعظم نذير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 6 هفتن کان آئين سان کيڏيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وفاقي ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪائو قبول نه ڪيو ويندو، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ۽ آئيني ادارا پنهنجي حدن کي نه اورانگهين. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر اهڙي صورتحال ڪڏهن به پيدا نه ٿي، بدقسمتي سان ان ڀيري اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو آهي ته هر شئي قانون ۽ آئين جي ابتڙ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڄ ڪابينا گورنرن پنجاب جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو. ڪابينا ۾ سمورن سياسي جماعتن جي نمائندگي آهي. پ پ، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم، بي اين پي، اي اين پي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت  سمورين جماعتن ان معاملي تي تفصيلي گفتگو ڪئي. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ته وزيراعظم جي آئيني ايڊوائس جيڪو آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 جي تابع آهي، صدر مملڪت ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل ايڊوائس جي توثيق ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آئين تحت حاڪميت الله تعاليٰ جي آهي ۽ رياست پاڪستان جي حڪومتي ۽ رياستي معاملا عوام جي چونڊيل نمائندن، وزيراعظم ۽ ڪابينه تحت استعمال ڪرڻا آهن. وفاقي وزير قانون چيو ته ڪابينه واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪوبه آئيني عهديدار پنهنجي حدن کي نه اورانگهي، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران ڏانهن ڍڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اهو به طئي ٿيو آهي ته ان معاملي تي قومي اسيمبليءَ ۾ بحث ڪيو وڃي ۽ سموريون جماعتون پنهنجي راءِ جو اظهار ڪنديون. ان حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي فيصلن جي آئين پاڪستان هيٺ نه رڳو  توثيق ڪئي بلڪ پنجاب ۽ مرڪز ۾ خاص طور پنجاب جي گورنر ۽ـ صدرِ مملڪت جهڙيءَ طرح آئين جي حوالي سان پنهنجن اختيارن کي نه صرف ناجائز استعمال ڪيو بلڪ آئين ٽوڙڻ جا مرتڪب پڻ ٿيا، ان لاءِ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اڳتي جي لائحه عمل تي مشاورت جاري آهي، ان لاءِ قانوني ۽ سياسي مشاورتي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو