ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ڪي ايم ٽي ايس) کي هدايت ڪئي آهي ته بي آر ٽي اورينج لائين ڪوريڊور جو بچيل ڪم هلندڙ مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ مهيني جي شروعات کان ان کي آپريشنل ڪري سگهجي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حليم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٽرانسپورٽ کاتي چيو ته 3.8 ڪلوميٽر اورينج لائين جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن جي چئن اسٽيشنن ۽ هڪ ڊپو تي اٺ دروازا لڳايا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ کي هدايت ڪئي ته ڪوريڊور جي سول ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ان کي 20 بسن سان شروع ڪري سگهجي. مراد علي شاهه ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏني ته جيئن ان جي سروس جون جي پهرين هفتي کان شروع ٿي سگهي. هن چيو ته مان وڌيڪ دير لاءِ ڪوبه عذر قبول نه ڪندس ۽ هوءَ اڳواٽ ئي 2 ارب رپيا گهربل رقم جاري ڪري چڪو آهي. BRT اورينج لائين TMA اورنگي کان جناح يونيورسٽي فار وومن تائين بورڊ آفيس جي ويجهو کان شروع ٿيندي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي قيام سان روينيو ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ، ڪم ڪرڻ واري شرح ۾ سڌاري سان گڏوگڏ سهولتن ۾ واڌ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو سسٽم تي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. هتي مون کي خاص اڳڀرائي طور اي-اسٽيمپنگ جي قيام جو اعلان ڪندي وڏي سرهائي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اي-اسٽيمپنگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، نيشنل بئنڪ جي صدر، ناليوارن واپارين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هوڏانهن اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آءُ عبدالستار ايڌي (بي آر ٽي اورينج لائن) تي جلد کان جلد بسون هلندڙ ڏسڻ چاهيان ٿو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر ڪيمپ آفيس کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائين، جيڪڏهن ڪنهن کان اهو نٿو ٿئي ته هو استعيفيٰ ڏئي گهر وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالستار ايڌي (بي آر ٽي اورينج لائن) بابت سنڌ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي آئي ڊي سي ايل جي سي ايف او خادم حسين، جنرل مينيجر انجنيئرنگ شفيع محمد، ڪنسلٽنٽ پروجيڪٽ مينيجر نيسپاڪ ريحان ضامن شريڪ هئا. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر انفراسٽرڪچر اينڊ پلاننگ يوسف منير، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن سيد يازم علي شاهه ۽ ٻِيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته مونکي جلد کان جلد اورينج لائن جون بسون روٽ تي هلندڙ کپن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏي وزير منصوبي جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر ڪيمپ آفيس کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائين، مان رات جو ڪنهن به وقت چيڪ ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کان اهو نٿو ٿئي ته هو استعفيٰ ڏئي گهر وڃي. صوبائي وزير نيسپاڪ ڪنسٽلنٽ کي سائينج بورڊ، ڊاڪنگ رببز، آئي ٽي سسٽم جي انسٽاليشن ۽ مانيٽرنگ سسٽم جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت. هن چيو ته 11 مئي تي اورينج لائن جون بسون پورٽ ۽ وڌيڪ هڪ هفتي ۾ بس ڊيپو پهچي ويندي. اورينج لائن جي بس ڊائيورن جي تربيت جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن بسون پهچندي ئي انهن جي تربيت جي شروعات ٿي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص ثاسڪ ڏنو آهي، جيڪو هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي. اجلاس ۾ سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني بسن جي ڊيپو آمد جي بعد پروجيڪٽ جي مختلف مرحلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اورينج لائن جي گرين لائن ۾ انٽيگريشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گرين لائن کان انٽيگريشن تي 45 ڪروڙ روپين جي لاڳت جو تخمينو لڳايو ويو آهي. انٽيگريشن جي بعد اورينج لائن جي بسون ناگن چورنگي تائين جو فاصلو طي ڪنديون. جنهن سان پروجيڪٽ تي سبسڊي ۾ حڪومت کي بچت ٿيندي. جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اورينج لائن جي انٽيگريشن ۽ ڊيزائن جي تياري تي پڻ ڪم ڪن، پر فوڪس رکن ته پروجيڪٽ آپريشنل هجي.
