86

آمريڪا پاران طالبان حڪومت کي عورتن بابت سخت فيصلا واپس نه وٺڻ تي انتهائي قدم کڻڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا طالبان حڪومت کي عورتن بابت سخت فيصلا واپس نه وٺڻ تي انتهائي قدم کڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي،ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته  عورتن جي غير ضروري گهر مان ٻاهر نڪرڻ، برقعو پائڻ جو شرط ۽ ڇوڪرين جي تعليم بابت سخت فيصلا واپس ورتا وڃن، هن چيو ته طالبان سان عورتن جي عوامي هنڌن تي برقعو پائڻ کي لازمي قرار ڏيڻ جو حڪم واپس وٺڻ لاءِ سڌو ڳالهايو آهي،جيڪڏهن  عورتن بابت سخت فيصلا واپس نه ورتا ويا ته آمريڪا طالبان کي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سخت قدم کڻندو، هن چيو ته اسان وٽ اهڙا اوزا آهن جنهن کي استعمال ڪرڻ سان طالبان تي دٻاءُ وڌائي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو