ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول جي ويجهو پهچي وئي، جنهن سان ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي اسسٽنٽ انجنيئر جو چوڻ آهي ته ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 56 مان گهٽ ٿي 48 فيٽ تي اچي وئي ۽ پاڻي جي ليول 42 فيٽ ٿيڻ تي ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي هن ڍنڍ مان 1200 ڪيوسڪ پاڻي روز فراهم ڪيو ويندو آهي، گليشيئرز ۽ برساتن جو پاڻي ڍنڍ ۾ نه آيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
128