84

صدر عارف علوي پرڏيهي خط واري سازش جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي 

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي پرڏيهي سازش واري خط جي جاچ جي لاءِ موجوده وزيراعطم ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خط لکي پرڏيهي خط بابت ڄاڻ ڏني هئي. هاڻي صدر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ حڪومت جي تبديلي آڻڻ بابت سازش جي جانچ  لاءِ هاڻوڪي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي  ڪميشن ٺاهڻ جي سفارش ڪئي آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته حڪومت ۾ تبديلي لاءِ  سازش جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي. پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير طرفان اماڻيل سائفر جي ڪاپي پڙهي سائفر ۾ ڊونلڊ لو سان گڏ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطه سمري موجود هئي. سائفر جي رپورٽ ۾ مسٽر لو جا بيان شامل آهن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جو ذڪر ڪيو ويو. سائفر ۾ تحريڪ جي ڪاميابي جي صورت ۾ معافي، ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن ۾ توثيق ڪئي وئي ته مذڪوره بيان پاڪستاني جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهن. هن خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي امڪاني رد عمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو. معاملي جي تفصيلي جانچ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترين ئي سازشن جون جاچون بنا ڪنهن نتيجي جي رهيون. صدر چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي رهيو آهيان. چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو