لاهور (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جو بنيادي مقصد ڪرپشن جو خاتمو آهي، وفاداريون رياست لاءِ آهن. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنهن سان زيادتي ٿي آهي انهن کي حق واپس ڏياريو ويندو، ڪا ناانصافي نه ٿيندي، 100 سوسائٽيز جيڪڏهن ڪم ڪري رهيون آهن ته انهن مان 86 سيڪڙو فراڊ آهي، اسان جي هٿن ۾ ڪشڪول جو وڏو سبب به ڪرپشن آهي، تڏهن اهڙي صورتحال ٿي. هن چيو ته هڪ صاحب پڇيو ته رڪوري ڪيڏانهن هلي وئي، نيب الماڙي ناهي جتي پئسا پيا هجن، 50 ارب کان وڌيڪ رقم ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي آهي، ماڻهن جون امانتون آهن، اسان انهن جا ضامن آهيون، اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪنهن جي عزت نفس کي ڇيهو نه رسي.
113