115

عمران نيازي رياست لاءِ خطرو ٿي چڪو آهي، سندس شِر کان نه مسجد ۽نه ڪو گرجا گهر محفوظ آهي: راڻا ثناالله

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله چيو آهي ته عمران نيازي پاڪستان رياست لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، سندس شِر کان نه مسجد نه ڪو گرجا گر محفوظ آهي،  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رياست مدينه جو نالو وٺي پنهنجي سياست جو دڪان چمڪايو هاڻي هو ملڪ ۾ مذهبي ڏڦيڙ پيدا ڪري پيو، هن چيو ته رياست هر صورت ۾ پنهنجي اقليتن جو تحفظ ڪندي، ڪنهن کي ملڪ ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ نه ڏني ويندي ،ملڪ ۾ جيڪڏهن امن امان کي نقصان پهتو ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، جيڪڏهن ڪنهن غلط قدم کنيو ته پڪڙ ۾ ايندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن گرجا گر کي جلسي گاهه بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، مسيحي برادري جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪايو ويو  آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو