105

پشاور ڪور ڪمانڊر بابت سياستدانن جا بيان انتهائي نامناسب آهن، ڪافي وقت کان برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون: پاڪ فوج

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پشاور ڪور ڪمانڊر بابت سياستدانن جا بيان انتهائي نامناسب آهن، ڪافي وقت کان برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۽ ان کان پوءِ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته خاص طور تي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسان جي سينيئر سياسي قيادت ڪيترن ئي موقعن تي ڪافي اهڙا بيان ڏناآهن جيڪي انتهائي نامناسب آهن، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي قيادت هٿياربند فوج جي قيادت خلاف بيان ڏنا آهن. اسان هڪ اداري جي حيثيت سان گهڻي وقت کان برداشت جو مظاهرو ڪندا رهيا آهيون ۽ بار بار چوندا رهيا آهيون ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي ۽ ان کي سياسي ڳالهين جو حصو نه ڪيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته فوج  ورهائجي سگهجي ٿي ته اهو اڻڄاڻ ئي  فوج پنهنجي آرمي چيف ڏانهن ڏسندي آهي، آهن، اها پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته ڪير به فوج کي ورهائي نه ٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته   پشاور ڪور پاڪستان آرمي جِي مشهور فارميشن آهي،  اُن اهم ڪور جي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ ڏني وئي آهي. آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهيون بلڪل نا مناسب آهن، مقرري جو طريقو آئين ۽ قانون ۾ واضح ڪيو ويو آهي، ان تي بحث ڪرڻ ان کي تڪراري ڪرڻ جي برابر ئي آهي. آرمي چيف جي مقرري پنهنجي وقت تي ٿي ويندي، ان عهدي کي جتي ڪٿي بحث جو موضوع نه ڪيو وڃي، اهو عمل  نه اداري جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اسين ورائي ورائي چئي چڪا آهيون ته فوج کي سياست کان پري رکو، فوج جو سياست سان ڪو واسطو نه آهي، ميڊيا، سياستدانن کي درخواست ٿا ڪريون ته فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکن. پاڪستان جي قانون ۾ فوج کي سياست کان پري رهڻ جو حڪم آهي اسان جي درخواست تي آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. اهڙن بيانن سان فوج ۽ قيادت جَي مورال ۽ عزت تي ناڪاري اثر پوندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا گهڻا چئلينج آهن، اهي چئلينج ايترا وڏا آهن جو اسين ملڪ جي سياست ۾ شامل نه ٿا ٿي سگهون. جيڪڏهن ملڪي سلامتي ۾ ڪا به غلطي ٿي وئي ته معافي جي گنجائش نه آهي.  اسان جي فوج سرحد ۽ ملڪ اندر  اهم ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي، 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو