125

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو مڪاني قانون وارو مسودو جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ پيپلز پارٽي جي صوبائي وزيرن ناصر شاهه ۽ سعيد غني ايم ڪيو ايم بهادرآباد جي مرڪز پهچي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عامر خان، ڪنور نويد جميل ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلدياتي نظام ۽ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ مڪاني قانون واري مسودي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو ته اسلام آباد ۾ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٿيل معاهدي بابت گڏجاڻي ٿي، ان کان اڳ به ملاقاتون ٿيون آهن ۽ اڳتي به سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي قانون جي حوالي سان تجويزون ڏنيون هيون، اِن بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انشاءَ الله ايندڙ هڪ ٻن گڏجاڻين کان پوءِ مڪاني قانون جو مسودو مڪمل ڪري منظوري لاءِ اسيمبليءَ کي موڪليو ويندو. ٻئي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪراچي، حيدرآباد سميت شهري ۽ ٻهراڙين وارن علائقن جي لاءِ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچي. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ قانونسازي ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سميت سڀني پارٽين سان مشاورت ڪري رهي آهي ايم ڪيو ايم سان ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ تڪبندين، ترقياتي ڪمن، حيدرآباد يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي ۽ ٻين اشوز تي ڳالهيون ٿيون، هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته صوبو هڪ وڏو سبجيڪٽ آهي، ايم ڪيو ايم وارا اها ڳالهه تڏهن ڪندا آهن، جڏهن  انهن کي محسوس ٿيندو آهي ته هنن سان ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن توڙي ٻين معاملن بابت سندن شڪايتون ختم ڪيون وينديون ۽ سمورا فيصلا ميرٽ تي ڪيا ويندا ۽ ناانصافي ختم ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي شموليت کان اڳ اسان جي ترجيح  اها آهي ته پيپلزپارٽيءَ سان جيڪو اسلام آباد معاهدو ڪيو ويو آهي ان تي عمل ٿي وڃي. هن چيو ته بلدياتي قانون جي منظوريءَ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ان سلسلي ۾ فيصلو ڪندي. ان موقعي تي خواجه اظهارالحسن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن مطابق 2013ع جي مڪاني قانون ۾ ترميم کان پوءِ ئي صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته جيستائين سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل نه ٿيندو تيستائين شڪ رهندا. ان موقعي تي ناصر شاهه چيو ته عمران خان انوکو لاڏلو آهي، پاڻ کي سڀني کان مٿانهون سمجهي ٿو، جڏهن جمهوري طريقي سان ويو آهي ته چريو ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو