635

آصف زرداري جي خيبرپختونخواهه ۾ افغان شهرين کي ووٽر طور رجسٽرڊ ٿيڻ جا ثبوت نه ملي سگهيا.

آصف زرداري جي خيبرپختونخواهه ۾ افغان شهرين کي ووٽر طور رجسٽرڊ ٿيڻ جا ثبوت نه ملي سگهيا.

پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به دستاويز يا معلومات فراهم نه ڪري سگهي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ان دعويٰ جو ڪو به ثبوت ناهي ته 2024ع جي پارلياماني چونڊن لاءِ افغان شهرين کي غير قانوني طور پاڪستان ۾ ووٽر طور رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.
گذريل مهيني 11 ڊسمبر تي ٽوئيٽ ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي هئي ته ”توهان کي خبر آهي ته هو (عمران خان) افغانين جي ڳالهه ڇو ٿو ڪري، هن خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرز رجسٽرڊ ڪيا آهن“.

هن وڌيڪ چيو ته هو (عمران خان) خيبرپختونخواهه ۾ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي انهن جي مدد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سندس (عمران خان) جو پنهنجو فائدو آهي ۽ هن خيبرپختونخواهه ۾ جعلي لسٽون ٺاهي، جنهن جو هن (عمران خان) پاڻ اعلان ڪيو آهي. پاڪستاني شهري آهن ۽ انهن (افغانن) جا نالا ووٽر لسٽ ۾ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو