اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ملڪ جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، اسان کي ايڊ نه پر ٽريڊ کپي، عوام کي ريليف هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسين آمريڪا کان پيسا گهرڻ لاءِ نه پيا وڃون، اسين هر هنڌ عمران خان وانگر پنڻ نه وينداسين، پنڻ واري پاليسي اسان جي نه پر رڳو عمران خان جي ئي آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان چاهيو ٿي ته هر ادارو سندس ٽائيگر فورس ٿي ڪم ڪري، ان کي اهو ئي ته اعتراض آهي ته مداخلت ڪري کيس ڇو نه بچايو ويو . پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پرڏيهي وزير طور سڀ کان پهرين والاريل ڪشمير جي مسئلي کي ڏسي رهيو آهيان، رڳو ڳالهيون ئي هڪ اهڙي واٽ آهن جنهن سان جنگ بدران امن ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ان کان اڳ وفاقي ڪابينا ۾ شامل پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي بلاول ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ سان لاڳاپيل وزيرن کان سندن کاتن جي ڪارڪردگي پڇي. جڏهن ته بلاول ڀٽو کين هدايت ڪندي چيو ته مسئلا جلد تڏهن ئي حل ٿي سگهندا جڏهن عوام سان رابطو پڪو ٿيندو، وزير عوام کي پاڻ تائين ۽ پنهنجي آفيسن تائين پهچڻ ڏين.عوام کي ريليف هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، عوام کي ريليف هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو. ٻي پاسي ڇنڇر ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دهشتگردي جو شڪار ٿيل چينين جي ياد ۾ پرڏيهي وزارت ۾ گڏ ٿيا آهيون، چيني استاد پاڪستاني شاگردن کي چيني زبان سيکاري رهيا هئا، اسان ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. دهشتگرديءَ وارو اهو واقعو بلوچن جي حقن جو بهانو ڪري پاڪستان جي ڌرتيءَ تي ڪيو ويو آهي، اهو حملو رڳو چيني استادن تي ئي نه پر پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ تي ڪيو ويو. اسان جهڙي ريت ماضيءَ ۾ دهشتگرديءَ جومقابلو ڪيو انشاءَالله هنن دهشتگردن جو پڻ اهڙي ئي ريت ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اسين ان قسم جي دهشتگرديءَ کي برداشت نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏيندي ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي به خصوصي پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي دوستي کان سڀ واقف آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي نه رڳو ٻنهي ملڪن پر عوام جي وچ ۾ به آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چينين سان دهشتگردي جو واقعو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٿيو آهي، ڪو به پاڪستاني ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي ته اسان جي مهمانن سان ان قسم جو دهشتگردي جو واقعو ٿئي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جي مهمان نوازي جا مثال موجود آهن.
