108

پيٽروليم تان سبسڊي مرحلي وار ختم ڪرڻ جو فيصلو، اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ ) حڪومت  پيٽروليم تان سبسڊي مرحلي وار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۽ اڄ رات اگهن ۾ واڌ  جو امڪان آهي.  پهرئين مرحلي هيٺ 16 مئي کان  پيٽرول جي اگهه ۾ في لٽر 10 روپيا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 15 روپين تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اوگرا پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جي سمري اڄ موڪليندو ، وزيراعظّم جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو. ذريعن موجب پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جي بابت اهم فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ پيٽروليم تي ملندڙ سبسڊي  مرحلي وار ختم ڪري سگهجي ٿو، جنهن ذريعي پيٽروليم  جا اگهه وڌايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 29 روپيا 60 پئسا سبسڊي ملندي آهي ۽ 16 مئي کان في ليٽر پيٽرول تي سبسڊي 45 رپيا 14 پئسا تائين پهچي ويندي، سڄي سبسڊي ختم ڪرڻ سان في ليٽر پيٽرول 45 رپيا 15 پئسا مهانگو ڪرڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ في ليٽر پيٽرول 195 رپيا ٿي ويندو. ذريعن موجب هن وقت ڊيزل تي في ليٽر سبسڊي 73 رپيا 4 پئسا آهي ۽ 16 مئي کان ڊيزل تي سبسڊي 85 رپيا 85 پئسا تائين پهچي ويندي، جڏهن ته مڪمل سبسڊي ختم ڪرڻ سان ڊيزل جي قيمت 230 رپيا في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ تي في ليٽر سبسڊي 43 رپيا 16 پئسا آهي ۽ 16 مئي کان گاسليٽ تي في ليٽر سبسڊي 50.44 رپيا ٿي ويندي، ائين گاسليٽ تي سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 176 رپيا في ليٽر ٿي ويندي. ذريعن موجب ڊالر وڌڻ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو سبب آهي، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو