106

معاشي بحران جي حل لاءِ حڪومت پاران اتحادين سان مشاورت جو فيصلو، سڀاڻي اجلاس متوقع

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن وڏي امتحان ۾ پئجي وئي آهي. هن نئين حڪومت لاءِ  پيٽروليم جا اگهه ئي سڀ کان وڏو امتحان ٿي سامهون آيو آهي. جنهن ڪري اها حڪومت ان معاملي تي غور ڪري رهي آهي ته پيٽروليم جا اگهه وڌايا وڃن يا وري  اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ انهن آپشنز  مان ڪنهن تي عمل ڪجي ان لاءِ اتحادين سان مشاورت جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پارٽي سربراهه نواز شريف سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ هو  اڄ رات پاڪستان پهچندو،جنهن کان پوءِ سڀاڻي اتحادين سان مشاورت ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن مان واپسي کان پوءِ سڀاڻي اتحادي پارٽين سان امڪاني گڏجاڻي ۾ کين لنڊن ۾ پارٽي واري اجلاس ۾ ٿيل اتفاق راءِ بابت ڄاڻ ڏني ويندي. اتحادي پارٽين سان معاشي صورتحال خاص طور تي پيٽروليم جي اگهن واري معاملي کي منهن ڏيڻ ۽ لنڊن اجلاس ۾ پيش ڪيل مختلف آپشنز  بابت پڻ مشاورت ڪئي ويندي. ان کان اڳ  لنڊن ۾ ن ليگ جي اجلاسن ۾ان ئي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.  پارٽي جي ذريعن موجب نواز شريف پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پارٽي جي اجلاس ۾ حڪومت نگران سيٽ اپ جي حوالي ڪري عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي، پر  ڪو به فيصلو اتحادين جي مشاورت سان ئي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته  ن ليگ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن، 48 ڪلاڪن ۾ عوام کي اعتماد ۾ وٺي اعلان ڪيو ويندو. لنڊن ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي اتحادين وٽ رکيون وينديون. اسين اڪيلي سر فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو