84

بلاول ڀٽو جي اڄ ڪراچي آمد تي شاندار استقبال جون تياريون مڪمل، جلسو پڻ ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي  پرڏيهي وزير ٿيڻ ۽ سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو اڄ ڪراچي آمد تي شاندار استقبال جون تياريون مڪمل، جلسو پڻ ٿيندو، رپورٽ موجب سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ ۽ پرڏيهي وزير ٿيڻ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڄ ڪراچي آمد تي شاندار استقبال ڪيو ويندو،  ڪراچي جي ايئرپورٽ ٽرمنل ون (اولڊ ائيرپورٽ) تي شاندار استقبال جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،  پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندو، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن مان قافلا روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ آجياڻيون ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، هوڏانهن صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نالائق،سليڪٽڊ وزير اعظم ۽ ان جي حڪومت کي جمهوري طريقي سان گهر موڪلڻ تي بلاول ڀٽو جو استقبال ڪري رهيا آهيون، اسان سياسي مداخلت نه ڪندڙ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا، ان موقعي تي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ وقار مهدي، جاويد ناگوري، سردار نذاڪت، راشد خاصخيلي، محمد آصف خان، سردار خان ۽ ٻيا موجود هئا،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو