ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري زير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي جيالن ڪراچي جي سرزمين تي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو آهي، اولڊ ٽرمينل هڪ ڀيرو ٻيهر 18 آڪٽوبر 2007 وانگر لکين جيالن جو سمنڊ ڏٺو. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو ذهين ترين وزير خارجه بڻيو آهي. اهو اسان سڀني جي اميد آهي. پاڪستان تمام جلد بلاول جي قيادت ۾ تيز ترين ڪري ترقي ڪيل ملڪن ۾ شامل ٿيندو. هن جي سياسي بصيرت ڪري سليڪٽيڊ کان ملڪ کي بچايو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري غريب عوام ۽ مزدورن کي انهن جا جائز حق ڏياريندو. ڪراچي ويلڪم بلاول ڀٽو ويلڪم جي نعرن سان گونجي رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي ترقي هجي يا ملڪ جي ترقي اصل ويزن بلاول ڀٽو زرداري وٽ آهي. سليڪٽيڊ حڪمرانن معيشت هجي يا پرڏيهي پاليسي هر ميدان ۾ تباهي ڪري ڇڏي هئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد پاڪستان کان ناراض ملڪن کي پنهنجي ذهانت سان ٻيهر دوست بڻائيندو.
