110

ايم پي اي علي حسن زرداري جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ضلعي مان هزارين ماڻهن جو قافلو ڪراچي پهتو

ٺٽو (رپورٽ: اڪبر دلواڻي) فاتح جھموريت پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد کان ڪراچي ايئر پورٽ تي ٿيندڙ استقبال توڙي منعقد ڪيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ سڄي سنڌ جيان ضلعي ٺٽي مان به عوامي سمنڊ اٿلي پيو، ضامن ھائوس گھوڙاٻاري مان پي ايس 78 جي ايم پي اي علي حسن زرداري، سينئر نائب صدر پ پ پ ضلعو ٺٽي حميد پھنور جي اڳواڻي ۾ ھزارين گاڏين جي جلوس جي اڳواڻي ۾ قافلو ڪراچي روانو ٿي ويو. جڏهن ته معاون خاص صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، جھانگير پالاري ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ گاڏين جا قافلا ڪراچي لاءِ روانا ٿيا، جڏھن ته شيرازي ھائوس ٺٽو تان پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي ۽ ٻين شيرازي ڀائرن جي قيادت ۾ گاڏين جا قافلا روانا ٿيا، جن سان گڏ وڏيرو رسول بخش جاکرو، حاجي خير محمد بروھي، غلام حيدر سمون، نور حسن سرڪي، آفتاب عالم سومرو، رئيس سليم گندرو، ڀورو سرڪي، حاجي منور ھيلايو، حاجي حسن جاکرو ۽ ٻيا به شريڪ ھئا.  ان موقعي تي پ پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن جو چوڻ ھو ته پ پ پ چيئرمين وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري جو سنڌ جي عوام تاريخي استقبال ڪري اھو ثابت ڪندي ته سنڌ جو عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آھي ۽ ٺٽو توڙي سجاول ضلعا پ پ پ جو ڳڙھ آھن ۽ رھندا، ھتان جي عوام  ھميشه پ پ پ جو ساٿ ڏيئي اھو ثابت ڪيو آھي ته ھو ھميشه پ پ پ سان گڏ رھندا، جنھن تي ٺٽو ۽ سجاول جي عوام جس لھڻي ٿي. ٻئي طرف پيپلز ڊاڪٽرز فورم ضلعي ٺٽي طرفان ضلعي صدر ڊاڪٽر محمد اسماعيل پليجو، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي استقبال توڙي جلسي عام ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪن لاءِ ٺٽو ۽ مڪلي تي ڪئمپون قائم ڪري کين سينيٽائيزر ۽ فيس ماسڪ ڏنا، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي اڳواڻن پاران ڪيمپ جو دورو ڪري پيپلز ڊاڪٽرس فورم ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن جي ڪيل خدمتن کي ساراهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو