102

تيل جون قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان، اوگرا جي سمري رد، آءِ ايم ايف سان ڳالهائي وچ وارو رستو ڪڍنداسين: حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حۡڪومت تيل جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت چيو آهي ته في الحال تيل قيمتون وڌائڻ جو ڪو به ارادو ناهي،وزير اعظم شهباز شريف عوام تي بار وجهڻ نٿو چاهي،رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته تيل جون قيمتون نه وڌائي رهيا آهيون، شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو هو ته پيٽروليم شين تي سسبڊي ختم ڪنداسين، ٻيهر ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪيو ويندو،آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري وچون رستو ڪڍنداسين، سبسڊي جاري رکنداسين، پي ٽي آءِ حڪومت زراعت جي شعبي ڪو به ڌيان نه ڏنو،سستي گيس ان ڪري ڏيون ٿا ته ڀاڻ جون قيمتون گهٽ ٿين، گذريل حڪومت ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ افغانستان ۾ اسمگل ٿيو، چار بلين ڊالر جو کاڄرو تيل درآمد ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي دور ۾ غير قانون يوريا ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪيون ويون آهن، گذريل چئن سالن ۾ سيڊز تي هڪ پئسي جو ڪم نه ٿيو آهي، زراعت ٺيڪ نه ڪنداسين ته ملڪ اڳيان نه وڌي سگهندو، هن چيو ته  هن سال پاڪستان جي امپورٽ 75 بلين ڊالر جي اسپيڊ تي جاري آهي، پاڪستان جي ايڪسپورٽ 30 بلين ڊالر آهي، گيهه تي به ڏيڍ کان ٻه سئو رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، حڪومت ايل اين جي 3 هزار ۾ خريد ڪري ڀاڻ ڪمپنن کي 800 رپين ۾ وڪرو ڪري رهي آهي، اسان جي اڳوڻي دور ۾ اٽو 35 رپيا ڪلو هو هاڻي 80 رپيا پهتو آهي، 115 وارو ڊالر 179 تي هليو ويو آهي، هن چيو ته اسان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين، هلندڙ سال امپورٽ ڪرڻ پوندي، کنڊ ۽ ڪپهه جي پيدوار وڌيڪ هئي، هاڻي صورتحال اوهان آڏو آهي، عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو