ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي آجيان لاءِ حيدرآباد، ٺٽي، سجاول سميت 6 ضلعن مان وڏي انگ ۾ ڪارڪن ڪراچي پهتا، ڪراچي جي رستن کي پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو، جلسي لاءِ 2007ع ۾ تيار ڪيل خاص ٽرڪ استعمال ڪئي وئي، ڪارڪنن ۾ زبردست جوش و خروش نظر آيو، جلسي ۾ داخلا لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، اندروني سيڪيورٽي پ پ جيالن سنڀالي، صوبائي وزير سعيد غني جلسي دوران پُرجوش نعرا هڻايا.
102