85

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي آمريڪا، چين ۽ سوئيٽزر لينڊ جي دوري جو شيڊول طئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ هفتو انتهائي مصروف گذاريندو  ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جو آمريڪا جي دوري سميت چين ۽ سوئٽزرلينڊ جو به شيڊول آهي پرڏيهي وزير 17 مئي تي امريڪا ويندو ذريعن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ گلوبل فوڊ سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو.پاڪستاني پرڏيهي وزير 19 مئي آمريڪا کان وطن واپس ايندو 20 مئي تي چين جي شهر گانگرو ويندو. 20 کان 22 مئي تي چين جو ٻطرفو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير جو پهريون ٻطرفو دورو چين جو هوندو چين جي دوري جي دعوت چيني پرڏيهي وزير پاران ڏني وئي جتي ان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي 22 مئي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊائوس ويندو ڊائوس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم اجلاس ۾ شرڪت ڪندوڊائوس ۾ پرڏيهي وزير سائيڊ لائين ملاقاتون به ڪندو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 25 مئي تي وطن واپس پهچندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو