اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان سان اهم گڏجاڻي ڪري معاشي معاملن بابت مشاروت ڪئي جڏهن ته اڄ اتحادي پارٽين جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن ۾ پارٽي جي سربراهه نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جي گڌجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن اڳ واپس موٽيو هو، جنهن کان پوءِ هن لنڊن ۾ ٿيل فيصلن بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم سومر ڏينهن آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ وزيراعظم ساڻن معاشي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي. انهن کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پڻ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪري مختلف سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ان دوران خالد مقبول صديقي ترت چونڊن جي حمايت ۽ پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جي مخالفت ڪئي. ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ گھرائي ورتو آهي، جنهن ۾ ترت چونڊون يا سخت معاشي فيصلا ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن موجب وزيراعظم جي سربراهي ۾ اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٻه آپشن رکيا ويندا، جنهن موجب ترت اليڪشن ڪرائي وڃي يا سخت معاشي فيصلا ڪيا وڃن، سمورين اتحادي پارٽين کان انهن ٻن آپشنز تي راءِ ورتي ويندي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ ن ليگ جي اجلاس ۾ ٿي فيصلن بابت پڻ اتحادين کي ڄاڻ ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي سربراهن سان گڏجاڻي ۾ مشاورت ڪرڻ کان پوءِ قوم کي خطاب ڪري معاشي حالتن بابت اعتماد ۾ وٺي اهم فيصلن جو اعلان ڪندو.
