103

سنڌ ۾منشيات وڪڻندڙن خلاف اي اين ايف سان گڏجي آپريشن ڪرڻ جي تياري، ڪميٽيون قائم، صوبائي سرحدون سيل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ منشيات ٽوڙ وفاقي وزارت ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته سماج خاص طور تي تعليمي ادارن مان منشيات جي خاتمي لاءِ گڏيل طريقو ڪرڻ ۽ گڏيل فورسز جي مقرري ذريعي مختلف رستن کي بلاڪ ڪيو وڃي جتان منشيات ڪراچي اسمگل ٿيندي آهي. وڏي وزير هڪ ٽاسڪ فورس جي منظوري ڏني جنهن ۾ پاڻ  وڏو وزير ۽ گهرو وفاقي وزير  شامل هوندا جيڪي مهيني اندر هڪ ڀيرو صورتحال جو جائزو وٺندا. منشيات روڪ فورس، سنڌ پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس تي ٻڌل ڪيمٽيون جوڙيون ويون آهن جيڪي منشيات اسمگل ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف انٽيلي جنس بنيادن تي ڪريڪ ڊائون ڪنديون. اهي فيصلا وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ منشيات روڪ واري وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ سندس ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرحدون سيل ڪيون وينديون ۽ سنڌ پوليس، ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس پوليس ۽ اي اين ايف گڏجي ڊرگ مافيا خلاف وڏو آپريشن ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ منشيات روڪ کاتي جي وفاقي وزير پنهنجي گڏيل ڪنٽرول هيٺ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي آهي جيڪا مهيني ۾ هڪ ڀيرو اجلاس ڪندي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڊپارٽمينٽ، سنڌ پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ گڏيل ڪميٽي پڻ ٺاهي آهي ته جيئن صوبي ۾ عام طور شهر ۾ خاص طور تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪري سگهجن. ڪميٽي سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪندي. هن چيو ته اسان پنهنجي تعليمي، سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي منشيات کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اي اين ايف اسان سان سهڪار ڪري ته اسان شهر کي ان وبا کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهون ٿا. ان موقعي تي ڊرگ ڪنٽرول کاتي واري وفاقي وزير شاهه زين بگٽي سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اي اين ايف صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي سماج کي ان لعنت ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي سماج ۾ منشيات جو استعمال خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي. هن چيو ته افغان جنگ کان پوءِ پاڪستان اندر منشيات ۾ واڌ ٿيو آهي ۽ هڪ سروي بابت حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 6.8 ملين منشيات استعمال ڪندڙ آهن. ڪچي آبادين جا علائقا، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ لياري ۽ سهراب ڳوٺ جون ڪچيون بستيون منشيات جي سرگرمين جا اهم مرڪز آهن. تفصيلي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو ته منشيات جي لعنت هاڻي تعليم گاهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مرد توڙي عورتون مختلف منشيات استعمال ڪري رهيا آهن. ايڊيشنل آءِ جي موجب منشيات ۽ ڏوهارين ۾ مضبوط ڳانڍاپو آهي. گهڻي ڀاڱي اسٽريٽ ڪرمنل منشيات جا عادي آهن. نشو ڪندڙ جيڪي منشات استعمال ڪندا آهن انهن ۾ چرس، ڀنگ، هيروئن، ڪوڪين، ڪريڪ، ايمفيٽامائنز، ڪرسٽل/آئي سي اي، ايڪسٽيسي / باربيٽيوريٽس / بينزوڊيازپائنز شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ منشيات جي پوک نه ٿيندي آهي ۽ نه ئي هتي تيار ڪيو ويندو آهي پر اهي چار مختلف رستن ذريعي ڪراچي پهچي ٿي. بلوچستان کان قمبر، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو مان ٿيندي ڪراچي تائين پهچندي آهي. ٻيو رستو بلوچستان کان ڪوئيٽا، سوراب، خضدار، وڍ، اوٿل، گڊاني، حب ۽ پوءِ ڪراچي ايندي آهي. ٽيون رستو پنجاب کان ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشوري کان ٿيندو ڪراچي پهچندي آهي. چوٿون رستو پنجاب کان صادق آباد آهي جيڪو پنو عاقل، سکر، خيرپور، حيدرآباد، ٺٽي کان ٿيندو ڪراچي پهچائي ويندي آهي. ايڊيشنل آءِ جي پوليس اجلاس کي ٻڌايو ته 1714 منشيات فروشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن مان 396 جيل ۾ آهن، 440 ضمانت تي آهن ۽ 878 مفرور آهن. آءِ جي جيل قاضي نيئر اجلاس کي ٻڌايو ته صوبي جي مختلف جيلن ۾ 22970 قيدي آهن جن ۾ 346 منشيات استعمال ڪندڙ ۽ 22624 منشيات وڪرو ڪندڙ آهن. 346 منشيات استعمال ڪندڙن مان ٻن کي سزا ٿي چڪي آهي جڏهن ته 22624 منشيات اسمگلرن مان 727 کي سزا ملي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو