اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي دعوت تي 18 مئي تي ٻن ڏينهن جي دوري تي آمريڪا روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪال ٽو ايڪشن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير 19 مئي تي سلامتي ڪونسل جي کليل بحث ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير ملاقاتن ۾ پاڪستان جي نظريي ۽ پاليسي ترجيحن کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان به ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو 21 مئي تي چين ويندو، جتان هو پنهنجي چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، اتان بلاول ڀٽو 23 مئي تي سوئٽزرلينڊ ويندو، جتان هو ڊيوس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شريڪ ٿيندو.
