ڪراچي(رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي پاڪستان خلاف سازش قرار ڏيندي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پاڻ جاچ ڪري ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي، پنجاب پاڻي تي سازش ڪري پيو، پنجاب جو سيڪريٽري ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صوبائي وزير ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته پهريون دفعو جديد ڊوائس ذريعي پروف ڪيو آهي پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، اهو به ثابت ڪيو آهي ته سنڌ پاڻي چوري نه پيو ڪري، واپڊا ڊيمن جو پاڻي ڊٽيڪٽ ڪندو آهي انهن ڊوائس دريعي به ماپ ڪئي، پاڪستان جي آخري بئراج ڪوٽڙي کان ڪينجهر پاڻي پهچي ٿو اتي پاڻي نه پيو پهچي، اتي صرف صرف 13 سو ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو. هن چيو ته ڪينجهر تي پاڻي 52 آر ايل کان گهٽ ٿي 42 ڊيڊ ليول تي وڃي رهيو آهي 47 آر ايل تي پهچي چڪو آهي، اسان دانهون ڪيون ٿا پر ٻڌو نٿو وڃي. هن چيو ته اسان پهريون دفعو شارٽيج تي شديد احتجاج ۽ سائنسي طريقي سان پروف ڪري ڏنو آھي، ڪهڙو فيڪٽر آهي جيڪو پاڻي کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ملندي ته فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿيندو، پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملندو، هن چيو ته سنڌ ۾ ساڍا 5 لک هيڪٽر تي ڪپھ پوکي ويندي آهي جيڪا 50 سيڪڙو گهٽ پوکائي ٿي آهي ڪپھ پوکائي ۾ گهٽتائي سان معيشت کي وڏو نقصان پهچي چڪو آهي، سيڪريٽري پنجاب ڪنهن جي نٿو ٻڌي ڪنهنجي ڳالھ مڃڻ لائي تيار ناهي. هن چيو ته سرائيڪي بيلٽ به سڪي رهيو آهي، پاڻي جي ورهاست واري معاملي جي جاچ ڪرائي وئي، هاڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه مان اميد آهي ته هو ان معاملي کي پاڻ ڏسندو، صوبائي وزير پ پ قيادت کان پاڻي معاملي تي احتجاج ڪرڻ لاءِ غور ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ننڍن صوبن جي حقن لاءِ ويڙه ڪئي شهيد بينظير به احتجاج ڪري چڪي آهي، وزيراعظم شهباز شريف آڏو 1991 پاڻي ٺاهه جو مطالبو رکيو آهي، پاڪستان هن وقت واٽر اسٽريس ملڪ ڊڪليئريشن ٿي چڪو آهي. هن چيو ته نئي گاج تي پ پ حڪومت اسڪيم رکي حڪومت ختم ٿيڻ سان فنڊ گهٽ ڪيا ويا، وزير اعظم کي نئي گاج سميت سمورن منصوبن بابت لکت ۾ شڪايت طلب ڪئي آهي. هن چيو ته سمنڊ سنڌ جي 22 لک ايڪڙ زمين کائي چڪو آهي، نارا ڪئنال تي پاڻي چوري روڪرائي آهي، اتي رينجرز مقرر ڪري ڏيپلو ٽيل تائين پاڻي پهچايو آهي، روهڙي ۽ اڪرم واھ تي به رينجرز مقرر ڪري طاقتور کي پاڻي ملڻ واري الزام کي ختم ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌو درياه تي زيادتي جي شروعات پراڻي آهي پر 1960 ۾ درياه وڪرو ڪيا ويا، درياه وڪرو ڪرڻ وقت ون يونٽ لاڳو ڪري اسان کان پڇيو به نه ويو، ڀٽو فصل اڪبر ڪميشن ٺاهيو جنهن تي 69 ۾ ون يونٽ ختم ۽ معاهدي تي ڪنسينسس نه ٿي سگهيو، هن چيو ته پاڻي جي 1991 واري ٺاهه تان پوئتي نه هٽنداسين، احتجاج ڪنداسين، اسان کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي، پاڻي تي پنجاب سازش پيو ڪري وفاق ان کي بي نقاب ڪري، واٽر پاليسي تي اعتراض آهي، اسان پنهنجي واٽر پاليسي ٺاهينداسين، وفاق وڏا ڊيم ٺاهڻ چاهي ٿو اسان ان جا مخالف آهيون.
93