78

عمران خان کي زندگي جي خطري بابت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ، ثبوت طلب

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت عمران خان کي زندگي جي خطري بابت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي،وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله چيو آهي ته عمران خان وٽ جيڪڏهن زندگي کي خطري بابت پڪا ثبوت آهن ته شيئر ڪري، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيواڳوڻو وزير اعظم آمريڪي سازش وانگر هاڻي لڳاتار پنهنجي جان جي خطري وارا بيان ڏئي پيو، اسان جاچ لاءِ تيار آهيون،عمران نيازي چاهي ته جان کي خطري جي معاملي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري سگهي ٿو، اها شاهدين جو جائزو وٺندي،جيڪڏهن معلومات فراهم نٿا ڪيو ته آمريڪي سازش وانگر امڪاني خطري وانگر زندگي جي خطري واري بيان کي سياسي تصور ڪيو ويندو، عمران خان جو پنهنجي جان جي خطري کي پوليٽيڪل اسسٽنٽ طور پيش ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، سيڪيورٽي کي پروپيگنڊا طور پيش ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو