94

جيڪڏهن پارٽيءَ کان ڦرڻ غلط آهي ته پوءِ آئين ان جي اجازت ڇو ڏني آهي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽيءَ کان ڦرڻ غلط آهي ته پوءِ آئين ان جي اجازت ڇو ڏني آهي؟ سومر ڏينهن صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا جي 32 ملڪن ۾ پارٽي کان ڦرڻ کان روڪڻ جو قانون موجود آهي جن مان 6 ملڪن ۾ عمل به ٿيندو آهي ۽ اتي اهڙن ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو پڻ ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پارٽيءَ کان ڦرڻ غلط آهي ته پوءِ آئين ان جي اجازت ڇو ڏني آهي؟  چيف جسٽس عمر عطا بنديال  ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو ميمبر آخري 6 مهينن ۾ پارٽي کان ڦري ويندو ته ان صورتحال ۾سزا نه ملڻ جي برابر ٿيندو. آرٽيڪل 63 اي عوامي مفاد جو سڀ کان  اهم معاملو آهي جنهن کي ٻڌي جلد فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڦرڻ کان بهتر آهي ته استعفا ڏين، ان سان سسٽم بچي ويندو، استعيفيٰ ڏيڻ واري کي عوام ووٽ ڏيندو ته ٻيهر اچي ويندو، ضمير موجب بھ ڪو پارٽي کان ڦري وڃي ته ڊي سيٽ ٿي ويندو. آئين ضمير موجب ووٽ ڏيڻ به قبول نه ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ڪلها ايترا ڪمزور نه آهن، اسان جا ڪلها آئين پاڪستان آهي، تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ جو آهي، عدالت جو ڪم آئين جو تحفظ ۽ تشريح ڪرڻ آهي، عدالت کي ڏسڻو آهي ته درخواست ۾ ڪهڙي نوعيت جو سوال اٿاريو ويو آهي، عدالت جو پهريون سوال درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جو آهي، آئين تحت ذميواري آهي ته آئين تشريح ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو