99

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي انٽوني بلنڪن سان ملاقات، آمريڪا پاڪستاني معيشت جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

نيو يارڪ (م ڊ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي. آمريڪا پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.  بلاول ڀٽو زرداري ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۾ ٿي. ملاقات کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته بلاول سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط واپار ۽ اقتصادي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته علائقائي سيڪيورٽي تي گفتگو به ملاقات ۾ شامل آهي، پاڪستان گروپ 77 جي سربراهي ڪري رهيو آهي، آمريڪا ان سان به بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ بلاول سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوشي آهي، بلاول سان فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اهو اهم چئلينج آهي، جنهن کي سڄي دنيا منهن ڏئي رهي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته يوڪرين تي روسي حملي کان پوءِ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو وڌي چڪو آهي، ان سان وڌيڪ 40 ملين ماڻهو فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلن جو شڪار ٿيا، فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان گڏ ٿي رهيا آهيون، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي شموليت تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي ڌيان آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اڃان به وڌائڻ گهرون ٿا، آمريڪا جي ڪاروباري ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپار موقعن کي وڌائڻ وارن طريقن تي ٻه طرفو سهڪار جاري رکندو. ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا، پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) سان جاري ڳالهين جي آجيان ڪري ٿو. ٻي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس سان   نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي حمايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻي پاسي آمريڪي ٽي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته افغان عوام ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، اتان جي عوام جو وڏو انگ غذائي کوٽ جو شڪار آهي،  افغانستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هاڻوڪي افغان حڪومت عورتن جي تعليم جاري رکڻ جي پڪ ڏياري آهي. اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجو اهو واعدو پورو ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو