96

مزدورن لاءِ بينظير ڪارڊ متعارف، هڪ ارب جو منصوبو آڻيون پيا: سنڌ حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت مزدورن لاءِ بينظير ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو. سنڌ حڪومت چيو آهي ته نادرا ۽ سوشل سيڪيورٽي سان گڏ هڪ ارب رپين جو منصوبو آڻي رهيا آهيون. رپورٽ موجب سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻين چيو ته بينظير ڪارڊ منصوبو پيپلز پارٽي جي منشور مطابق آهي، هِن وقت تائين 37 هزار بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪري چڪا آهيون، شروعاتي طور تي سوا 6 لک انڊسٽريل ورڪرن کي جيڪي سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ آهن فائدو کڻي سگهن ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ مزدورن جو تعداد ان کان تمام گهڻو آهي، مينوئل ڪارڊ جي ڪري پورهيتن کي فائدو نه پيو ملي، ڪرپشن به ٿئي پئي، نادرا سان بينظير ڪارڊ ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو آهي، انهن جو اي ٽي ايم ڪارڊ به هوندو، ڪارڊ لاءِ افرادي قوت نادرا جي هوندي. هنن وڌيڪ چيو ته 162 نوان ماڻهو ان پراجيڪٽ لاءِ ڀرتي ٿيندا، اهي به نادرا ڪندي، سوشل سيڪيورٽي ۾ هيلٿ جي سهولت آهي، سنڌ ۾ 5 وڏيون اسپتالون ۽ 92 ڊسپينسريون موجود آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو