94

سڌارن بنا عام چونڊون نه ٿينديون، اليڪشن ڪميشن به 7 مهينا گھريا آهن: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آبي وسيلن بابت وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت چونڊ سڌارن جو بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ايندڙ هفتي چونڊ سڌارن جو بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چونڊ سڌارن بنا اليڪشن نٿي ٿي سگھي، اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 7 مهينا گھريا آهن، آڪٽوبر ۽ نومبر تائين عام چونڊون ممڪن نه آهن. هن چيو ته قانوني ۽ چونڊ سڌارا ڪرڻا آهن، ڪجهه بجيٽ کان پهرين، جڏهن ته ڪجهه بجيٽ کانپوءِ ڪيا ويندا، سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جو ڪو فيصلو نه ٿيو آهي. ٻي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي سان واسطو رکندڙ سنڌ جي صوبائي وزيرن سعيد غني ، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پهرين سڌارا تنهن کان پوءِ چونڊون ٿيڻ گهرجن. موجوده ملڪي معاشي صورتحال کي آڏو رکندي شايد هن حڪومت کي ڪجهه ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. پارٽي کان ميمبرن جي ڦرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئيني ماهرن کي ڏسڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو ووٽ ڳڻجي نه سگهيو ته اڳتي بي اعتمادي رٿ وارو آئيني حق به ختم ٿي ويندو. ملڪ ۾ ڪنهن قسم جو آئيني بحران نه ٿيڻ گهرجي ۽ بطور هڪ سياسي ڪارڪن جي اسان کي ايئن لڳي ٿو ته ان فيصلي سان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ بهتر نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو