118

پاڪستان جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع، ايندڙ هفتي معاهدو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ )  پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جون ستين جائزي اجلاس لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون. ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه سان ورچوئل ميٽنگ ڪئي. ان ميٽنگ ۾ مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، ناڻي واري سيڪريٽري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر جو چيئرمين پڻ موجود هئا. اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر جي سينيئر انتظامي آفيسرن جو پهريون گروپ ستين جائزي اجلاس جي ڳالهين لاءِ اڳ ۾ ئي دوحه پهچي چڪو آهي. وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ مملڪتي وزير ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ دوحه ويندا، جتي ڳالهين کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ امڪان آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ٿي ويندو. آءِ ايم ايف مشن چيف سان ميٽنگ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف پروگرام تحت سڌارن ۽ ڍانچه جاتي بينچ مارڪ جي حاصلات لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف مشن چيف نٿن پورٽر پاڪستان جي معيشٽ کي درپيش چئلينجن جي باري ۾ جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت فوري ۽ ڊگهي مُدي وارن ٻنهي قدمن جي گهرجائو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جاري اقتصادي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته حڪومت ان حوالي سان سخت فيصلا ڪندي، جڏهن ته وچئين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي مهانگائيءَ جا اثر گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته معاشي صورتحال تي ناڪاري اثرن ۾ ڪجهه اهڙا آهن جن تي حڪومت جو اختيار نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو