107

ڪنهن کي به پاڪ-چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، حملا ڪندڙن کي انجام تي پهچائينداسين : بلاول ڀٽو

گوانگزو  ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمئن بلاول ڀٽو  پرڏيهي وزير طور چين جي پهرئين دوري تي گوانگزو پهچي ويو آهي، گوانگزو ۾ هن  چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ هنن پاڪ چين لاڳاپن کي 71 سال ٿيڻ تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو. ملاقات ۾ پاڪ چين لاڳاپن، سيپيڪ ۽ علائقائي معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات کانپوءِ  پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته بي ڏوهي چيني شهرين تي حملن جي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، حملو ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻينداسين. ڪنهن کي به پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، چينين تي حملا ڪندڙن کي جلد انجام تي پهچائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چينين جي حفاظت ڪري رهيا آهيون، پاڪ چين دوستي نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ به ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ به امن جو خواهشمند آهي افغان مسئلي کي طاقت بدران ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ئي چين واري پاليسيءَ جي حمايت ڪري ٿو ۽ چين سان پنهنجي گهاٽي دوستيءَ وارن لاڳاپن کي انتهائي گهڻي اهميت ڏي ٿو، اها دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ پڪي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته  چين هر ڏکيي وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، جنهن تي اسين چين جا ٿورائتا آهيون، پرڏيهي وزير طور چين جي پهرئين دوري تي ڏاڍو خوش آهيان، شاندار ميزباني تي چين جا ٿورا مڃان ٿو، آئون پاڪستاني قوم طرفان چينين لاءِ نيڪ خواهشون کڻي آيو آهيان. منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي 71 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي اهميت جوڳو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي برادري معاملو سنجيدگيءَ سان ڏسي ۽ ڀارت کي غير قانوني قدمن کان روڪي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو