78

عمران خان گهرو ويڙهه چاهي ٿو ته اها سندس ڀُل آهي، قوم کيس معاف نه پرڳچيءَ مان جهليندي: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) سان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ عمران خان غريب عوام جي ڀلائي جي اهم قومي منصوبن کي نقصان پهچايو آهي، سياسي انتقام، گارگند ۽ الزام بازي کان سواءِ عمران خان وٽ ڪجهه نه آهي، ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي ڪوشش عمران خان جي ڀُل آهي، قوم کيس ان جي اجازت نه ڏيندي، لکين ماڻهن جي قربانين ۽ ڪروڙين ماڻهن جي دعائن سان وجود ۾ ايندڙ پاڪستان قائم ۽ دائم رهندو، جمهوريت هوندي ته ملڪ مضبوط ٿيندو ۽ اسان اڳتي وڌنداسين. اهڙو اظهار هن آچر ڏينهن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.  وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چيو ته هي ملڪ لکين ماڻهن جي قربانين سان وجود ۾ آيو. هي ملڪ قائم دائم رهندو. وزيراعظم  چيو ته جمهوريت هوندي ته ملڪ مضبوط ٿيندو ۽ اڳتي وڌندو. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته چارٽر آف اڪانومي جي آڇ سڀ کان اڳ مون ڏني هئي، جنهن کي حقارت سان ٿڏيو  ويو. هن ملڪ کي تباهي جي رستي تي وڌو. عمران خان ساڍا ٽي سالن ۾ اخلاقيات ۽ معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گارگند ۽ الزام بازي سان قوم جا ڪنڌ شرم سان جهڪي ويا آهن. ڪو شعور رکندڙ انسان اهڙي قسم جا لفظ استعمال نه ٿو ڪري جيڪي عمران خان ڪري ٿو. عمران خان کي پنهنجي سياسي مخالفن کي ڀت سان لڳائڻ ۽ انهن کي جيلن ۽ نيب جي عقوبت خانن ۾ وجهڻ جي هدايتن کان فرصت نه هئي جو هو ڪو چڱو ڪم ڪري ها.  ڪاش وٽس ڏکويل انسانيت جي زخمن تي مرهم لڳائڻ جو وقت هجي ها. عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو هو پر سياسي انتقام، گارگند ۽ الزام مڙهڻ کان سواءِ وٽس ڪجهه نه هو. ڪا سر نه لڳائي وئي، ان جي دور ۾ ڪيترائي لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. عمران خان وٽ اهڙي طرح جي ڪا هڪ اسپتال ٺاهڻ لاءِ واندڪائي نه هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر تي ٽي سال ضايع ڪري ڇڏيا، ان جي نتيجي ۾ سوين مريض الله کي پيارا ٿي ويا، عمران خان پٿر دل ۽ سنگدل آهي ۽ ان جي ڪري مريض ساڍا ٽي سالن ۾ علاج کان محروم رهيا. ان کان وڌيڪ زيادتي هن قوم سان نه ٿي ٿي سگهي، الله تعاليٰ ۽ قوم جي عدالت ۾ عمران خان کان ان جو پڇاڻو ٿيندو، ماڻهن جو هٿ هوندو ۽ عمران خان جي ڳچي هوندي. وزيراعظم چيو ته گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ انهن منصوبن کي ان جي لاءِ رد ڪيو ويو هو ڇو ته اهي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف شروع ڪيا هئا، گذريل حڪومت پوري ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ (ن) جي سٺن منصوبن کي ختم ۽ ماهرن ۽ شخصيتن کي فارغ ڪيو وڃي، مسلم ليگ (ن) سان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ عمران خان انهن منصوبن کي نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر هڪ مثال آهي ته سڄي دنيا مان ناليوارا سرجن، فزيشنز ۽ ماهر پنهنجي ڀائرن ۽ هم وطنن جي خدمت لاءِ هتي آيا هئا، اهي انهي رويي جي ڪري واپس هليا ويا.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر تي قوم جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل 30 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا هئا، ان زماني جو چيف جسٽس ڪيترائي ڀيرا هتي آيو، جيڪو ڪجهه ٿيو اهو قوم جي سامهون آهي، اسپتال ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي پر اسپتال کي برباد ڪيو ويو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر جي صورتحال ۽ ان کي بهتر ڪرڻ بابت منهنجي گڏجاڻي ٿي آهي ۽ غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، ان اسپتال ۾ سڄي ملڪ مان مريض علاج جي لاءِ اچي سگهندا، ڊاڪٽر سعيد اختر بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين ٿيندو. ماضي ۾ ڊاڪٽر سعيد اختر سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، جهڙي طرح کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو ۽ ان عظيم اسپتال کي جهڙي طرح بند ڪيو ويو اهو افسوسناڪ آهي. الحمد الله ڊاڪٽر سعيد اختر واپس آيو آهي ۽ آئون سندس ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسپتال ۾ 50 سيڪڙو غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو مفت علاج ٿيندو، 50 سيڪڙو اهي صاحب حيثيت مريض جيڪي پنهنجو علاج برطانيا ۽ آمريڪا مان ڪرائي سگهن ٿا، اهي هتي فيس ادا ڪري پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا، صاحب حيثيت مريضن کان ملندڙ فيس غريب ۽ لاچار ماڻهن جي علاج تي خرچ ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو